ڀاڏ مَڪان

ڀاڏ مَڪان: تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي جي ديهه ”ڀاڏ“ ۾ ھڪ ڳوٺ جو نالو، جتي سنڌ جي مشھور شاعر سيد قنبر علي شاهه المعروف شاهه شريف ڀاڏائيءَ جنم ورتو هو، جيڪو پوءِ لڏي وڃي ”گنبالي“ تعلقي گھوڙا ٻاريءَ، ضلعي ٺٽي ۾ ويٺو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. ڀاڏ ۾ جنم وٺڻ ڪري شاهه شريف، ڀاڏائي مشھور ٿيو. سندس رسالو ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام“ جي عنوان سان شايع ٿيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو